ڪراچي(رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ منعقد ٿيل ٻئي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جي دل وانگر ڌڙڪندڙ ۽ زندگي سان ڀرپور شهر آهي۔ هن چيو ته ڪراچي هڪ غير متوقع، متحرڪ ۽ زنده شهر آهي جيڪو هميشه پاڪستان جي روح رهيو آهي ۽ اڄ اهو سڄي دنيا جي آجيان ڪري رهيو آهي۔ آرٽس ڪائونسل ۾ فيسٽيول جو آغاز شاندار نموني سان ٿيو جنهن اداري جي حيثيت کي ثقافتي تنوع ۽ فنون جي اظهار جي مرڪز طور وڌيڪ مضبوط ڪيو۔ افتتاحي تقريب ۾ آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه، صوبائي وزيرِ ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، اهم شخصيتون ۽ بين الاقوامي مهمان شرڪت ڪئي۔ فيسٽيول ۾ مختلف پروگرام شامل آهن جن ۾ فلمون، ٿيٽر، موسيقي، ۽ بصري فنون جون نمائشون پڻ شامل آهن۔ آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه وڏي وزير ۽ مهمانن جو ڀليڪار ڪيو۔ موسيقي جي مظاهرن ۾ شاهه جو فقير (پاڪستان)، مدن گوپال (نيپال)، لوسي ٽاسڪر (بيلجيم)، عمار اشڪر (شام)، اڪبر خميسو خان (پاڪستان) ۽ زڪريا حفار (فرانس) شامل هئا۔ ماحوليات تي ٻڌل مختصر فلم Love Note to an Island (ڪيريباتي) پڻ ڏيکاري وئي۔