ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا،سنڌ جون زمينون ۽ درياءُ کسجي رهيو آهي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ؛ حسيب لطيفي) حيدرآباد پريس ڪلب ۾ کاھوڙِي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي جي 81 سالگرھ جي تقريب ۾ شاگردن، صحافين، عورتن، سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت  ڪئي. ان موقعي تي کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد ۽ زندگي جو مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪامريڊ ڄام جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي پر سندس ڏسيل واٽ موجود آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙن ڪردارن جو پکڙيل سياسي شعور جابر ۽ قابض قوتن ۽ آمريتن سان وڙهي رهيو آهي. نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جدوجهد جو وڏو نالو آهي. ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا ڏيڻ جو واحد طريقو اھو آھي ته اسان ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڇڏيل واٽ تي هلون. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۾ سختيون برداشت ڪرڻ جي سگهه هئي، هو ٽارچر سيلن آڏو به جبل جيان بيٺو رهيو. هن گهر ڪئي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد ۽ زندگي تي تحقيق لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ٿيڻ گهرجي. نامياري صحافي پي ايف يو جي مرڪزي نائب صدر خالد کوکر چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙا ڪردار اسان جا هيروز آهن، تازو ڪينالن خلاف تاريخي جدوجهد ٿي، ان جدوجهد کي اڀار ڏيندڙ سنڌ جون سياسي ڌريون هيون، ان جدوجهد جي پٺيان سياسي شعور هو ۽ اهو سياسي شعور اسان وٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙن سياسي اڳواڻن جي ڪري آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته ڪامريڊ ساقي جي ليگيسي کي کاٻي ڌر ئي پنهنجو ڪندي. ڪامريڊ ڄام ساقي پورهيت طبقي مان پيدا ٿيل اڳواڻ هو، ڪامريڊ ڄام ساقي دورانديش ليڊر ۽ سياسي استاد هو. ڪامريڊ ڄام ساقي ۾ اها صلاحيت ۽ خاصيت هئي ته هو سمورن ماڻهن کي گڏ کڻي هلندو هو. هن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو سوال سنڌ جي ماڻهن جي جياپي جو سوال آهي. درياهه جي تحفظ جي لاءِ هلندڙ جدوجهد اڃا جاري آهي، رڳو ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو آخري ڳالهه نه هئي. مزاحمت جاري آهي، مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ڪامريڊ ڄام جي پٽ سارنگ ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي چوندو هو ته انقلابي جدوجهد ۾ پنهنجو گهر ۽ ٻار ننڍي شي لڳندا آهن. ڪامريڊ ڄام جي جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ان وقت جي شاگرد اڳواڻن ڪامريڊ ڄام ساقي، يوسف لغاري ۽ ٻين جو وڏو ڪردار هو، اڄ ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، ماڻهو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خوف ۾ ورتل آهن، سنڌ جا 80 سيڪڙو ماڻهو پنهنجي گهر جا مالڪ ناهن، هن تجويز ڏني ته زمينداراڻا ڳوٺ سرڪار پنهنجي تحويل ۾ ان ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهن کي مالڪاڻو حق ڏئي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون کسيون پيون وڃن، سنڌو درياهه جو پاڻي کسڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، نامياري شاعر ۽ ليکڪ عزيز گوپانگ چيو ته ڄام ساقي جو نالو انسان جي آجپي جو تصور ڏيندڙ آهي، هو زنجيرون ٽوڙڻ وارو ڪردار هو. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي وڏيريڪي ۽ جاگيرداراڻي جبر واري دور ۾ پورهيتن ۽ هارين جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، جاگيرداراڻي ۽ وڏيريڪي سماج جي خاتمي کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگي ۽ جياپو سياست هئي، هو خاموش ٿي ويهڻ بجاءِ ماڻهن وچ ۾ رهڻ پسند ڪندو هو، ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪندي اهو واعدو ڪرڻ گهرجي ته گڏجڻ، سوچڻ ۽ ڳالهائڻ واري عمل کي اڳتي وڌايون. نامياري ليکڪ ادريس جتوئي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پورهيت ۽ هارين لاءِ جدوجهد ڪئي، ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڀاءُ ڊاڪٽر سلطان جنجهي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي شاگرد جدوجهد کان سياست جي شروعات ڪئي، شاگرد اڳواڻ طور هن ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي، ان کانسواءِ سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپرائڻ، ريلوي اسٽيشنن، روڊن رستن تي سنڌي ۾ نالا لکڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ هن ڀرپور جدوجهد ڪئي. حيدرآباد روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته اڄ جي حالتن ۾ تحريڪن جي اڳواڻي جيڪڏهن وڪيل ڪن ٿا ته اها سياسي ڌرين جي ناڪامي آهي، ڄام ساقي جي نياڻي ڊاڪٽر بختاور ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي مظلوم طبقي لاءِ جاکوڙ ڪئي، سينيئر صحافي لطيف ملاح چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد جو محور سنڌ هئي، مختيار ڀٽو چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي نوجوانن جو آئيڊيل هو، سالگرھ تقريب جي شروعات انو سولنگي لطيف جي وائي ڳائي ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ ڄام ساقي جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.