ڪراچي (رپورٽر ) سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف ) جي مرڪزي چيف آرگنائيزر غني امان جي جبري گمشدگي خلاف، سنڌين نيشنل ڪانگريس مرڪز جي سڏ تي ڪالهه ٽئين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڪئمپ قائم رهي ، مرڪزي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي اڳواڻ سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ اسد شاھ، غني عاجز، لطيف ميمڻ ۽ غني امان جي ڀيڻ سنڌو امان جي اڳواڻي ڪئي ۔احتجاجي ڪئمپ ۾ پارٽي ڪارڪنن سان گڏ جيئي سنڌ سان سلهاڙيل تنظيمن، وفاقي سياسي پارٽين، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي، وڪيل برادري، شاگرد تنظيمن، ڊاڪٽرن جي تنظيمن، انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آهي۔احتجاجي ڪئمپ ۾ سارنگ جويي، سنڌو امان چانڊيو، ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ، نائب صدر ڪاظم مھيسر، جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي، خزانچي حسيب پنھور، ايس يو پي مرڪزي اڳواڻن جڳديش آھوجا، سيد منير حيدر شاھ، صحافي۽ سماجي اڳواڻ يونس مھر، جسقم آريسر لائيرز ونگ جي اڳواڻ بشير احمد منگي، جساف بشير خان ڪراچي ڊويزن اڳواڻ مبشر جاگيراڻي، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي وجاھت جاگيراڻي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر وحيد سمي، سنڌ شاگرد محاذ جي اڳواڻ حسيب ميمڻ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌ مان ٿيندڙ جبري گمشدگيون غير قانوني، غير انساني ۽ عالمي انساني حقن جي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهن،هنن چيو ته غني امان، سرمد ميراڻي، سرويچ ۽ ٻين سڀني کنڀيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ رياست اهڙن عملن کان باز رهي،اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن، ماحولياتي تباهي، درياءَ تي ڌاڙن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي قبضي، ۽ بنيادي حقن جي جدوجهد لاءِ پرامن ۽ جمهوري آواز اٿارين ٿا۔ ان موقعي تي اسد شاھ، غني عاجز ،لطيف ميمڻ،عائشه سرگاڻي، وجاھت جاگيراڻي، وڪيل نور تنيو، وھاب ڀٽو، ثناءُ الله لاشاري، قومي راڳي صدام راڄپر، خليل انصاري، سنڌ جي نياڻي مزنا، حسيب ميمڻ، سميت وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي