حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪانگريس اڳواڻ محمد اظهرالدين تلنگانا جي صوبائي ڪابينا ۾ جو حصو بڻجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، محمد اظهرالدين جمعي ڏينهن تلنگانا جي صوبائي حڪومت ۾ وزير طور حلف کڻي ورتو، جنهن ذريعي سندس سياسي ڪيريئر جي نئين اننگز جي شروعات ٿي وئي آهي.
حلف برداري جي تقريب راج ڀون، حيدرآباد ۾ ٿي، جتي گورنر جِشنو ديَو ورما محمد اظهرالدين کان عهدي ۽ رازداري جو حلف ورتو.
ان موقعي تي محمد اظهرالدين جو پٽ اسدالدين، جيڪو تازو ئي تلنگانا پرديش ڪانگريس ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو آهي، پڻ تقريب ۾ موجود هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته محمد اظهرالدين کي اقليتي معاملن واري وزارت ڏني ويندي.
ڪانگريس اڳواڻ محمد اظهرالدين تلنگانا ۾ 2023ع ۾ قائم ٿيندڙ ڪانگريس حڪومت جي ڪابينا ۾ پهريون مسلم وزير آهي.
واضح رهي ته اظهرالدين جي ڪابينا ۾ شموليت جوبلي هِلز اسيمبلي جي سيٽ تي 11 نومبر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ کان ڪجهه ڏينهن اڳ عمل ۾ آئي آهي، جتي مسلم ووٽرن جو وڏو انگ موجود آهي.
سياسي مبصرن موجب، محمد اظهرالدين کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد مسلم ووٽرن سان رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حڪمت عملي آهي.
ٻئي پاسي بي جي پي اهڙي قدم تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته اِها ظابطن ڀڃڪڙي آهي
تلنگانا ۾ بي جي پي جي صدر رام چندر رائو جو چوڻ هو ته پارٽي ان معاملي تي چيف اليڪٽرورل آفيسر وٽ شڪايت داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اظهرالدين کي وزير بڻائڻ ووٽرن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي.
You might also like