ڪراچي ۾ اي چالان وارو معاملو عدالت پهچي ويو، جماعت اسلامي پاران سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم تي سياسي پارٽين طرفان ڀرپور مزاحمت سامهون اچي رهي آهي، مرڪزي مسلم ليگ ان فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، جڏهن ته جماعت اسلامي سنڌ اسيمبلي ۾ اي چالان خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي ڪراچي پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته شهر ۾ ڪيئي سرڪاري گاڏين جا ڊرائيور به سفر دوران سيٽ بيلٽ نٿا لڳائن.
پوليس جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب، گذريل پنجن ڏينهن دوران اٽڪل 35 سرڪاري گاڏين کي چالان ڪيو ويو، جن مان 30 گاڏين کي سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي چالان ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، سرڪاري گاڏين جا سڀ کان وڌيڪ چالان حسن اسڪوائر تي، ٻئي نمبر تي ميٽروپول ۽ ٽئين نمبر تي بلوچ پل، شاهراهه فيصل تي ڪيا ويا.
اي چالان جي شروعات کان وٺي جمعي جي رات تائين گڏيل طور تي5791 چالان جاري ڪيا ويا، جن مان سڀ کان وڌيڪ سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي ٿيا، جن جو انگ ساڍا ٽي هزار کان وڌيڪ هو.
ياد رهي ته سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي خانگي گاڏي لاءِ 10 هزار ۽ ڪمرشل گاڏي لاءِ 15 هزار رپين جو ڏنڊ مقرر آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻئي نمبر تي موٽر سائيڪل سوار آهن، جن مان ساڍا 1500 کان وڌيڪ ماڻهن مٿان هيلمٽ نه پائڻ تي ڏنڊ هنيو ويو، جڏهن ته ٽئين نمبر تي سگنل ٽوڙيندڙ آهن جنهن ۾ 352 ڄڻن کي چالان ٿيا ۽ چوٿين نمبر تي ڊرائيونگ دوران موبائل استعمال ڪندڙ 166 ڄڻن کي چالان ڪيو ويو .
سياسي سطح تي مرڪزي مسلم ليگ ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي رڪن محمد فاروق سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي.
محمد فاروق جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ جتي روڊون بهتر آهن، اتي ڏنڊ گهٽ آهي، پر سنڌ ۾ 5 هزار ۽ پنجاب ۾ رڳو 200 رپيا آهي، جيڪو شهرين سان امتيازي ورتاءُ آهي، ٺهراءُ ۾ اي چالان جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سردار عبدالرحيم به چيو آهي ته ڪراچي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي سمجهه کان ٻاهر آهي، نادرا وضاحت ڪري ته ڇا اهو فيصلو رڳو سنڌ لاءِ آهي يا ٻين صوبن تي به لاڳو ٿيندو.
سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته اي چالان جي نالي تي حڪومت شهرين کان ڳري رقم اوڳاڙي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.