اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته افغان طالبان حڪومت سان ٿيل ڳالهين دوران طالبان قيادت تسليم ڪيو آهي ته افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون موجود آهن، جڏهن ته افغان اختيارين انهن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جا مختلف جواز پيش ڪيا آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين تي هر وقت تبصرو ممڪن ناهي، ڇو ته هي نهايت حساس نوعيت جا معاملا آهن ، پرڏيهي وزارت کي احتياط رهڻ جو حق حاصل آهي ۽ اهو حق استعمال ڪيو ويو.
ترجمان موجب، استنبول ۾ ٿيل ڳالهين ۾ سڀئي لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هئا ۽ اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته 6 نومبر تي ٻئي دور ۾ ڳالهين تي وڌيڪ گڏيل تفصيل سامهون ايندا، ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي جاري آهي، پر اهڙيون ڳالهيون صبر ۽ بردباري سان اڳتي وڌائڻ ضروري آهي.
ترجمان چيو ته سفارتڪاري ۾ اميد برقرار رکڻ لازمي آهي، ميزبان ملڪ جو بيان رڳو تعارفي نوٽ هو، ڳالهين جي تفصيل تي ٻڌل نه هو، لکت ۾ ڏنل ضمانتن وارو معاملو به ڳالهين جو حصو آهي، جيڪو هڪ جاري عمل آهي ۽ ايندڙ دوري ۾ وڌيڪ وضاحت سان سامهون ايندو.
ترجمان جو چوڻ هو ته پرڏيهي کاتي جي قاعدن تحنت جنگ يا امن جو اعلان وزيراعظم جي اختيار تي ٿيندو آهي، وزيراعظم جي فيصلن لاءِ پرڏيهي کاتي سان مشاورت ۽ سفارشون مهيا ڪيون وينديون آهن، نائب وزيراعظم اسحاق دار ڳالهين واري عمل دوران مڪمل طور شريڪ رهيو، ۽ پرڏيهي سيڪريٽري به سمورن مرحلن سرگرم ڪردار ادا ڪيو، تنهنڪري حڪومت ۾ ڪنهن قسم جي ويڇن يا اختلاف وارو تاثر غلط آهي.
ترجمان موجب، افغان طالبان حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جي موجودگي تسليم ڪئي آهي، جڏهن ته انهن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جا مختلف جواز پيش ڪيا ويا آهن، افغان سرزمين تي دهشتگرد عنصرن جي موجودگي پاڪستان جي سلامتي خدشن کي وڌائي ٿي.
ترجمان چيو ته سرحد بند رکڻ جو فيصلو سلامتي جي صورتحال جي جائزي تي ٻڌل آهي، في الحال سرحد بند رهندي ۽ وڌيڪ اطلاع تائين اهو فيصلو برقرار رهندو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ڳالهين ۾ اعليٰ سطح جي نمائندگي متوقع آهي، پر وفد جي قيادت بابت اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، سِيز فائر برقرار آهي ۽ افغانستان طرفان ڏنل خاطرين جو نوٽس ورتو ويو آهي، اميد آهي ته جنگ بندي تي مڪمل عملدرآمد ٿيندو.
ياد رهي ته استنبول ۾ ٿيل ڳالهين دوران پاڪستان ۽ افغان طالبان جنگ بندي جاري رکڻ تي متفق ٿيا هئا.
گڏيل پڌرائي موجب، ٻنهي ڌرين فيصلو ڪيو ته هڪ نگراني ۽ تصديقي نظام قائم ڪيو ويندو جيڪو امن کي يقيني بڻائيندو ۽ ڀڃڪڙيون ڪندڙ ڌر تي سزا لاڳو ڪندو.
ڳالهيون 25 کان 30 آڪٽوبر تائين ترڪي ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ ٿيون، جڏهن ته ٻنهي ملڪن پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
افغانستان سان وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، مستقبل ۾ ڪنهن به اڳرائيءَ جو سخت جواب ڏنو ويندو: پاڪستان
Prev Post
					You might also like
		
	
	
					 
			