اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمت ۾ گهٽائي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پهرين نومبر کان في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 5 رپيا 88 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي.
تازي گهٽتائي کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام وارو گهريلو سلينڊر 69 رپيا 44 پئسا سستو ٿي ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2378 رپيا 89 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 201 رپيا 60 پيسا ٿي وئي آهي.
You might also like