ڀارت جي افغان طالبان کي پاڪستان ۾ نڪرندڙ درياءُ تي ڊيم ٺاهڻ ۾ مدد جي آڇ

نئين دهلي/ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارت چترال مان نڪرندڙ ڪنڙ درياهه تي افغان طالبان پاران ڊيم ٺاهڻ ۾ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن ڀارت اعلان ڪيو هو ته هو افغانستان کي آبي وسيلن جي انتظام ۽ مئنيجيمنٽ ۾ هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال چيو ته افغانستان جي پرڏيهي وزير تازو ئي ۾ انڊيا جو دورو ڪيو ۽ ان کان پوءِ اسان گڏيل پڌرائي جاري ڪئي.
هن چيو ته گڏيل پڌرائي ۾ واضح طور لکيل آهي ته ڀارت افغانستان کي پاڻي جي وسيلن جي مئنيجمينٽ ۾ مدد ڪندو، جنهن ۾ هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبا پڻ شامل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سلميٰ ڊيم ان سهڪار جو بهترين مثال آهي، جنهن کي ڀارت–افغانستان دوستي ڊيم پڻ چيو ويندو آهي.
ٻئي پاسي افغان طالبان ڀارتي اعلان آجيان ڪئي، قطر ۾ طالبان جي سفير سهيل شاهين ڀارتي اخبار ”دي هندو، سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جا ڪيترائي موقعا موجود آهن.
ياد رهي ته ڪنڙدرياءُ چترال مان نڪري ٿو ۽ اٽڪل 482 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ ڪابل درياهه ۾ شامل ٿي واپس پاڪستان ۾ داخل ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.