پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڏيڍ سئو سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چانهه جو وقفو مانيءَ جي وقف کان اڳ ٿيندو.
ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ گوهاٽي ۾ شيڊيول ٽيسٽ لاءِ ٻنهي بورڊز چانهه جو وقفو پهريان رکڻ جو فيصلي تي اتفاق ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اِهو فيصلو انڪري ڪيو ويو آهي جو گوهاٽي ۾ سج جلد اُڀرندو آهي ۽ جلد ئي لهي ويندو آهي.
ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ گوهاٽي ٽيسٽ ميچ صبح 9 وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته صبح 11 وڳي کان 11:20 تائين چانهه جو وقفو هوندو.
ٻيو سيشن 11:20 کان 1:20 تائين جاري رهندو، جنهن کانپوءِ مانجهاندي جي بريڪ ٿيندي.
ميچ جو ٽيون سيشن سيشن 2 وڳي کان 4 وڳي تائين کيڏيو ويندو، ٻنهي ٽيمون جي وچ ۾ گوهاٽي ٽيسٽ ميچ 22 نومبر کان 26 نومبر تائين کيڏي ويندي.
Prev Post
You might also like