لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم۾ ٿيندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب شام اٺين وڳي شروع ٿيندي.
ڏکڻ آفريڪا کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان خلاف 0-1 جي سرسي حاصل آهي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پروٽيز هٿان شاهينن کي 55 رنسن تان شڪست ڏني هئي.