شاگردن لاءِ خوشخبري، وزيراعظم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شاگردن جي فني تربيت لاءِ هڙئي وسيلا استعمال ڪيا ويندا، سو سيڪڙو ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپس ورهايا پيا وڃن ۽ شاگردن کي اَي آءِ جي تربيت لاءِ سعودي عرب موڪليو ويندو.
اسلام آباد ۾ پرائم منسٽر يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم 2025ع جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هُن هوشيار شاگردن کي قوم جي طرفان سلام پيش ڪريان ٿو ۽ سو سيڪڙو ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپس شاگردن ۾ ورهايا پيا وڃن. شاگردن جي ڪاميابي والدين ۽ استاد جي محنت ۽ دعائن جو نتيجو آهي.
هن چيو ته هن ڀيري پروگرام ڪجهه دير سان شروع ٿيو ڇاڪاڻ ته ليپ ٽاپ جي بيگ تي مشهوري لوگو لڳل هو، جنهن کي مون هٽائڻ جي هدايت ڏني.
وزيراعظم چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپس تي 40 کان 50 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا هوندا، پر قوم جي پٽن ۽ نياڻين کي عظيم تر بڻائڻ لاءِ 500 ارب رپيا به خرچ ڪيا وڃن ته اهو به گهٽ آهي.
شهباز شريف چيو ته سعودي عرب اَي آءِ تي اربين ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستاني شاگردن کي مفت ۾ اي آءِ جي سکيا فراهم ڪندو. سعودي عرب هڪ عظيم ملڪ آهي ۽ اهو چوندو آهي ته جيڪو ڪجهه آهي، اهو پاڪستان جي ڪروڙين ڀائرن لاءِ آهي.
وزيراعظم چيو ته سڀئي ڪوششون ڪنداسين ته هزارين شاگرد سعودي عرب موڪليا وڃن ۽ تربيت ڏياري وڃي.
هن چيو ته جيستائين اها ذميواري منهنجي هٿ ۾ آهي، مان قوم جي نوجوان پٽن ۽ نياڻين جي بھتري، اعليٰ تعليم، تربيت ۽ فني تربيت لاءِ سڀئي وسيلا توهان جي قدمن هيٺان رکندس، ۽ اسان گڏجي پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.