ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌين نيشنل ڪانگريس جي شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ وڪيلن ۽ سنڌين نينشنل ڪانگريس پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون الگ الگ احتجاجي مظاهرو ڪيا ويا. مظاهري ۾ غني امان جي بازياني لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊوڪيٽ محب آزاد ۽ ايڊوڪيٽ سجاد چانڊيو، ايڊوڪيٽ مير مڱريو، ايڊوڪيٽ اسرار چانگ، اعزاز لغاري ۽ ٻين چيو ته غني امان جي نياڻي ڪافي ڏينهن کان ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ هو اسپتال ۾ موجود هو ته اتان کيس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي ۽ جنهن جي اڃا تائين ڪابه خبر ناهي، کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو هڪ پرامن سياسي شاگرد اڳواڻ ۽ شاهه لطيف جو پارڪو آهي، هو يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ وڃي شاگردن کي لطيف ٻڌائي ٿو، هنن چيو ته غني امان چانڊيو هڪ باشعور شاگرد اڳواڻ طور قومي مسئلن تي هميشه آواز اٿاريندو رهيو آهي، سندس گمشدگي نه صرف سندس ڪٽب پر سموري سياسي شعور رکندڙ نوجوانن ۾ ڳڻتي ۽ بيچيني پيدا ڪئي آهي آئيني ۽ قانوني رستي سان حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه ناهي، جيڪڏهن غني امان مٿان ڪنهن به قسم جو الزام آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ سندس وارثن، وڪيلن، شاگردن ۽ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن پاران قومي شاراهه نسيم نگر وٽ باءِ پاس روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان روڊ بند ٿي ويو، کنڀي گم ڪيل غني امان جي والد امان الله چانڊيو چيو ته غني امان جو ڏوهه اهو آهي ته هو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌ جي خودمختياري جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته سندس پٽ کي ڪراچي جي اسپتال مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. کيس ظاهر نٿو ڪيو وڃي، ميرپور ماٿيلي ۾ جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن غني امان چانڊيو، سرمد ميراڻي، ڏاڏي جکراڻي ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ قوم پرست پارٽين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، سنڌ سڀا اڳواڻ ارشاد سنڌي، جست اڳواڻ سهيل ڪلوڙ ٻڌايو ته غني امان چانڊيو کي ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي هڪ اسپتال مان رياستي ادارن مبينا طور جبري طور کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي جيڪو انساني حقن ۽ قانوني اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، کنڀي گم ڪيل نوجوان غني امان چانڊيو سميت ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا شاگرد اڳواڻن وحيد مھيسر ، معيد تنيو ، سرفراز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي پمپ ڀرسان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، غني امان چانڊيو جي آزادي جي گهر ڪئي وئي، ڪراچي جي اسپتال ۽ کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ جي آزادي لاءِ ڏوڪري ۾ نوجوان سماجي اتحاد تعلقي ڏوڪري اڳواڻن پاران احتجاج ڪيو ويو. نوجوان سماجي اتحاد تعلقي ڏوڪري جي اڳواڻ ارشاد ٻگهيو، عمير جوڻيجو، ساجد باغ جتوئي، نثار ميهر کوکر، نعيم ٿهيم، جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، ايس يو پي اڳواڻ صابر جروار، امتياز کوهارو ۽ ٻين احتجاج کي خطاب ڪيو، ڏهرڪي ۾ جسقم شهيد بشير خان گروپ طرفان جسقم شهيد بشير خان جي سربراهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو تي داخل ڪيس ختم داخل ڪرڻ خلاف ۽ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، احتجاجي جي اڳواڻي مير حسن لاشاري، حيدر خان شر، ڪامريڊ جاويد ، ياسر سومرو، رحيم ديشي، خليل سنڌي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، پني عاقل ۾ به کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهروڪيو ويو، پنوعاقل ويلفيئر اتحاد پاران بينظير پارڪ کان هاءِ اسڪول چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو . هوڏانهن سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران سنڌي نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي چيف آرگنائيزر اسد شاھ، ڊپٽي چيف غني عاجز، ڊويزنل آرگنائيزر لطيف ميمڻ، سڪندر اوٺي، سنڌين نيشنل ڪانگريس لائيرز فورم جي اڳواڻ مختيار سيمائر، وي ايم پي ڪنوينر سورٺ لوھار، ڊپٽي ڪنوينر ۽ غني امان جي ڀيڻ سنڌو امان جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سناف جي مرڪزي چيف آرگنائيزر غني امان چانڊيي جي آزاديءَ لاءِ مستقل احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته، ”سنڌ ۾ حقن جي ڳالهھ ڪرڻ ڏ بڻجي ويو آھي، هڪ اڻ اعلانيل آپريشن سياسي ڪارڪنن خلاف شروع ڪيو ويو آھي، سناف چيف غني امان چانڊيي سميت سرمد ميراڻي، سرويچ سرگاڻي، انصاف دايي، مرتضيٰ جوڻيجي، ايوب ڪانڌڙي، سھيل رضا ڀٽي، سرويچ نوحاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، جنهن جي جيتري نندا ڪجي اها گهٽ آھي“. سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ” ماڻھو کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ نه رڳو مذھبي بنيادن تي ڏوھ آھي پر انساني حقن جي سنگين لتاڙ ۽ کليل دهشتگردي آھي توڙي هن رياست جي آئين جي لتاڙ آھي. سناف چيف آرگنائيزر غني امان اسان جي سٿ جو بهادر شاگرد اڳواڻ آھي ۽ لطيف جي بيتن جي روشنيءَ ۾ شاگردن جي مسئلن، ڌرتي ۽ درياءَ واري جياپي جي مسئلن تي توڙي انساني حقن جي حاصلات لاءِ مظلومن جو آواز بلند ڪندو رهيو آھي، پر افسوس اڄ اهو آواز يزيدي لشڪر طرفان واڙيو ويو آھي، اسين سندس گمشدگيءَ کي سنڌين نيشنل ڪانگريس طرفان ٿيندڙ جدوجهد کي ماٺو ڪرڻَ جي لاءِ استعمال ڪيل هڪ حربو ٿا سمجهون ۽ انساني حقن جي تنظيمن، اقوام متحده سميت انساني حقن جي پاسداري ڪندڙ قومن ۽ ادارن کي اپيل ٿا ڪريون تہ هو اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏين ۽ غني امان جي آزاديءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن.“نڌ بار ڪائونسل جي اميدوار رشيد راڄڙ، وڪيل معين مگسي، خليل انصاري، وھاب ڀُٽي، شمس چانڊيي، عمار دايي، نواب لنڊ، فياض ميتلو، سورٺ سنڌو، سنڌو رنگريز، تنوير آريجو، جسقم اڳواڻ اشفاق ميمڻ، جسمم اڳواڻ عائشسہ سرگاڻي، جسقم آريسر اڳواڻ بگٽي، پورھيت مزاحمت جي وجاھت جاگيراڻي، ورثا پيرزادو، عوامي ورڪرز پارٽي جي آغا جليل، جساف آريسر اڳواڻ سانوڻ ڦل، جساف بشير خان اڳواڻ مبشر جاگيراڻي، ڪميونسٽ اڳواڻ عمار جان، ڀڳت ڪنور رام ڪاميٽي اڳواڻ شرڻ ڪمار، ۽ ٻيا سياسي سماجي ڪارڪن، وڪيل ۽ انساني حقن جا ڪارڪن سون جي تعداد ۾ شريڪ ٿيا.
غني امان ۽ سرمد ميراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي: ايڇ آر سي پي
ڪراچي/حيدرآباد ( رپورٽر) ايڇ آر سي پي، ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ حيدرآباد سان لاڳاپيل ميمبرن جي ماهوار گڏجاڻي ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي جبري گمشدگين جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته غني امان کي ڪراچي جي هڪ اسپتال مان ان وقت پنهنجي گهر وارن جياڳيان جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي نياڻي جي اعلاج لاء گذريل ڪيترن هفتن کان اسپتال ۾ هو. اهڙو عمل غير قانوني ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، سرمد ميراڻي جي جبري گمشدگي به افسوسناڪ عمل آهي، کين فوري ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ايڇ آر سي پي پاران ٽرانس جينڊر متعلق سماجي روين، قانونن ۽ قانونسازي بابت فرحت الله بابر ۽ فرزانه باريء جي ڳالھ ٻول ڏيکاري وئي. گڏجاڻي ۾ حيدرآباد ريجن ۾ انساني حقن جي صورتحال ۽ سماجي مسئلن تي ڳالهايو ويو. گڏجاڻي ۾ ايڇ آر سي پي جي ڪائونسل ميمبر سليم جروار، پشپا ڪماري، ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين، پروگرام ايڊوائزر ڊاڪٽر امداد چانڊيي، ميمبرن ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيي، فھيم نوناري، منظور ٿهيم، جاويد فرانسس، علي رضا جروار، ايڊوڪيٽ ارشاد چنا، رفيق راجپوت، ٽرانس جينڊر طبقي جي نمائندن ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) سياسي ڪارڪن غني امان الله چانڊيو جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي. ايڇ آر سي پي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غني امان چانڊيو ۽ ٻين شهرين جي من ماني نظر بندي، اغوا، يا جبري گمشدگي جون ڪارروايون بنيادي آزادي تي پابنديون هڻن ۽ سياسي اختلافن کي دٻائڻ جي رياستي پاليسي جو تسلسل آهن. ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته اهڙا ظالماڻا قدم صرف وڌيڪ سياسي افراتفري ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه کي وڌائڻ جو سبب بڻجندا.
رينجرز ۽ سادا ڪپڙا پهريل غني امان کي اسپتال مان کڻي ويا
ڪراچي(رپورٽر/ع آ نيوز) ڪراچي ۾ کنڀي گم ڪيل قوم پرست ڪارڪن غني امان الله جي جبري گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي، جڏهن ته سندس ڀيڻ چيو ته : رينجرز وارا گاڏين ۾ اسپتال اندر داخل ي سندس ڀاءُ کي کڻي ويا . فيروز آباد ٿاڻي ۾ غني جي ڀيڻ سنڌو امان چانڊيو جي طرفان ڏنل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سندس نئين ڄاول ڀائٽي شاهراهِ قائدين تي واقع هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. هن چيو ته اڱاري ڏينهن شام جو چار وڳي تقريباً، هو پاڻ، ننڍو ڀاءُ صفی الله، ۽ منهنجو مڙس عنايت الله اسپتال ۾ موجود هئاسين، ان دوران غني اسپتال ۾ پهتو ته جيئن ٻارڙن جي سنڀال ڪري سگهن. مدعي جي دعويٰ آهي ته اوچتو پنج کان ڇهه گاڏيون، جن ۾ رينجرز جون گاڏيون ۽ ٻيون ٻه ويگو گاڏيون شامل هيون، اسپتال ۾ پهچي ويون. سنڌو امان چانڊيو جو چوڻ آهي ته انهن گاڏين ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل 15 کان 20 ماڻهن اسپتال ۾ داخل ٿي ڪري مختلف ڪمرا ڳولي، آخرڪار انهن جي ڪمري ۾ داخل ٿي ويا. سادا ڪپڙا پهريلن ن بداخلاقي ڪئي، شناختي ڪارڊ ورتا ۽ وڃڻ لڳا. ٻن منٽن کان پوء انهن غني کي اغوا ڪري ڇڏيو. جڏهن مون انهن کان پڇيو ته کيس ڇو وٺي ويا آهن ته منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو.” مدعي جو موقف آهي ته انهن جي ڀاءُ کي بغير ڪنهن الزام جي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ غيرقانوني عمل آهي، ان ڪري انهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. صفی الله بي بي سي کي ٻڌايو ته انهن جو ڀاءُ سماجي ڪارڪن آهي ۽ هو انساني حقن جي ڳالهه ڪندو آهي، جيڪو ڪو ڏوهه ناهي. هن چيو، "اسان رينجرز وارن کان چيو ته جيڪڏهن ڀاءُ ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته ٻڌايو، جيئن اسان پاڻ کيس ٿاڻي وٺي وڃون . بي بي سي هن بابت رينجرز جي ترجمان کان موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڃا تائين ڪو جواب ناهي مليو. غني جي والد امان الله چانڊيو جو تعلق جام شورو سان آهي ۽ هو هڪ ريٽائرڊ سرڪاري استاد آهن. هن ٻڌايو ته سندس پٽ سنڌي نيشنل ڪانگريس جي شاگرد ونگ جو ‘آرگنائزر’ آهي ۽ هن سنڌ يونيورسٽي کان پولٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرز ڪيو آهي ۽ انٽرنيٽ جي شعبي سان وابسته آهي. هن جو چوڻ آهي ته انهن جي پٽ جو ڪنهن به بندش پيل پارٽي سان تعلق ناهي، البت هو انساني حقن ۽ شهري حقن جي سياست سان وابسته آهي. امان الله چانڊيو ٻڌايو ته ان کان اڳ جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلچرل ڏهاڙو ملهائڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ته ان ۾ منهنجي پٽ جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو هو حالانڪه هو ان وقت گهر ۾ موجود هو.هن چيو ته بعد ۾ اهو الزام غلط ثابت ٿيو ۽ عدالت کيس بري ڪري ڇڏيو.
سياسي ڪارڪن کنڀڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: رياض چانڊيو
ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ جي ارڙهن سالن جي دور ۾ سياسي ڪارڪنن کي ماريو ويو چچريل لاش ڦٽا ڪيا ويا آهن اهو سلسلو جاري آهي جن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو انهن کي عدالتن ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي جيڪا بنادي انساني حقن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي،هن چيو ته کنڀي گم ڪيل سڀني ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي قاتلن رهزنن ڌاڙيلن کي جلسن جي صورت ۾ پيش ڪرايو ٿا پر نوجوانن پڙهيل لکيل شهرين کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته رياض علي چانڊيو جسقم( شهيد بشير) جي چيف آرگنائزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهل ساريو ۽ ٻين مٿان داخل ڪيس جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪارو قانون لاڳو ٿيل آهي ڪجهه ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ محاذ شڪارپور اڳواڻ صوبدار چانڊيو ضلعي اڳواڻ سانگهڙ پرويز چانڊيو قوم پرست ڪارڪن غني امان چانڊيو سرمد ميراڻي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي
غني امان کي کنڀڻ جي مذمت ڪريون ٿا:جونيئر ذوالفقار ڀٽو
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مان شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي اغوا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو۔ هر پاڪستاني کي احتجاج ڪرڻ، آزاد خيال رکڻ، لکڻ ۽ عقيدي جي آزاديءَ سان زندگي گذارڻ جو آئين حق حاصل آهي۔ ڪنهن به شهري کي جبري طور گم ڪرڻ انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي آهي۔اسان غني امان چانڊيو جي فوري ۽ محفوظ واپسي جو مطالبو ڪريون ٿا۔
ملير بار اڄ عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو
ملير (ڊر) شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي جبري گمشدگي تي سنڌ جي وڪيل برادري ۾ به ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي،غني امان کي کنڀڻ خلاف اڄ 30 آڪٽوبر ملير بار ڪراچي مڪمل عدالتي ھڙتال جو اعلان ڪيو آھي