سنڌ سرڪار جي زراعت دشمن پاليسي سبب هاري تباهه آهن:عوامي تحريڪ

گولاڙچي (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي زراعت دشمن پاليسين سبب هارين ۽ آبادگارن کي تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان 16 نومبر تي حيدرآباد سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين اعلانيل سنڌ دشمن منصوبن، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪاروڪاري ۽ عورتن تي ظلمن خلاف مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرائڻ لاءِ عوامي تحريڪ گولاڙچي تعلقي جو اجلاس ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس جي صدارت ۾ ٿيو، گولاڙچي، بدين سميت لاڙ جي سمورن ضلعن ۾ سارين جو فصل لٿو آهي ته واپارين سارين جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي ۽ غير قانوني ڪٽوٿرپم ڪن ٿا، واپارين سان سمورن ضلعن جا ڊي سيز ڏوهن ۾ ملوث آهن، اهڙو عمل سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن سان سراسر ظلم آهي، بدين، سجاول، ٺٽي ۽ ٻين ضلعن ۾ منشيات عروج تي آهي، آئيس جهڙو موتمار نشو عام آهي، اسڪول جي ٻارن تائين پهچايو وڃي ٿو. پوليس جا اعلي آفيسر ۽ مقامي ٿاڻا منشيات جي وڪري ۽ ٻين ڏوهن ۾ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.