ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ، زاهد علي، پوليس تحويل ۾ فوت ٿيل نوجوان محمد عرفان بلوچ جي ڪيس ۾ اي ايس آءِ عابد شاهه ۽ ڪانسٽيبل آصف علي کي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس طرفان جوابدارن کي رمانڊ ختم ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص جو پوليس تحويل ۾ موت ٿئي ٿو ته ان جي جاچ قانون موجب ايف آءِ اي ڪري ٿي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي ايف آءِ اي حوالي ڪري رهيا آهيون، پوليس موجب جوابدارن تي الزام آهي ته انهن جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب عرفان بلوچ جي جان وئي، عرفان کي سندس ٽن ساٿين سان گڏ مخبر جي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو هو، پوليس موجب ڪيس جي نوعيت مشڪوڪ آهي، ڇو ته عرفان جي موت کان پوءِ سندس ٽنهي ساٿين کي آزاد ڪيو ويو، جنهن سان وڌيڪ شڪ پيدا ٿيا آهن.