صوبائي خودمختياري کسڻ باهه سان کيڏڻ هوندو: رضا رباني

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ڪمزور داخلي، سياسي نظام ۾ صوبائي خودمختياري رول بيڪ ڪرڻ باهه سان کيڏڻ برابر آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته فوڊ سڪيورٽي وارو وزير ۽ ٻيا وفاقي وزير 18هين ترميم رول بيڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، وفاقي وزير اين ايف سي ايوارڊ جي رول بيڪ ۽ نظرثاني جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. رضا رباني چيو ته اهو عمل وفاق سان غداري ۽ صوبائي خودمختياري ۽ مالي ورڇ تي حملي برابر آهي، پاڪستان جا صوبا ۽ عوام ان قسم جي ڪنهن به قدم تي مزاحمت ڪندا. پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته صوبا مجبور ٿي ويندا ته ٽيڪسن جي اوڳاڙي وفاق کان وٺي پاڻ ٽيڪس گڏ ڪن، وفاقي حڪومت پنهنجا خرچ صوبن جي سامهون گڏيل مفادن واري ڪائونسل ذريعي پيش ڪري. هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم تحت صوبن کي منتقل سڀ وزارتون مڪمل طور تي صوبن کي ڏنيون وڃن، خوراڪ واري وزارت سميت سڀ وزارتون مڪمل طور تي صوبن حوالي ڪيون وڃن. سندس چوڻ هو ته عدليا جي آزادي تي راتاهو ۽ صوبائي خودمختياري رول بيڪ ٿي ته تاريخ پارليامينٽ کي معاف نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.