ٺٽو(ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته تڪراري آئيني ترميمون رات جي انڌيري ۾ ڳجھ ڳوھ ۾ آنديون وينديون آھن ارڙھين ترميم ۾ صوبن کي حق حاصل آھن جيڪڏھن آئيني ترميم کي واپس ڪرڻ ۽ 27ھين آئيني ترميم کي آندو ويو ته سنڌ جو عوام سخت مزاحمت ڪندو، نون صوبن ۽ معدنيات جي بل جي ڪا به ضرورت ناھي. ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته ھائبرڊ پارليامينٽ ئي سھي پر ان ۾ صوبن جي عوام جي حقن جي پائمالي ڪري تڪراري قانون سازي وارا بل آڻي احساس محرومي پيدا پئي پئي وڃي. ھن چيو ته خوراڪ ۽ تحقيق جي وفاقي وزير راڻا تنوير پاران ان ڳالھه جو اعتراف ڪيو آھي ته ارڙھين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي آندي پئي وڃي، اهڙو فيصلو ٿيو ته پيپلز پارٽي حڪومت کان ڌار ٿي مخالف بئنچن تي ويھي سخت احتجاج ڪيو ويندو. ھن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ان ھائوس تبديلي بعد امڪاني طور تي 27ھين آئيني ترميم آڻڻ جا سانباھ ڪيا پيا وڃن، 27ھين آئيني ترميم ۾ جيتريقدر آسان کي خبر پئي آھي ته ان آئيني مسودي ۾ 9 نوان صوبا ٺاھڻ سان گڏ ارڙھين ترميم کي رول بيڪ ڪري صوبن جو حصو گھٽائڻ جي سازش ٿي رھي آھي ۽ معدني وسيلا پڻ وفاق جي حوالي ڪرڻ به شامل آھي. ھن چيو ته 26ھين آئيني ترميم ۾ پڻ ڪافي جھول آھن جنھن تي پڻ اسان اڳواٽ ئي پنھنجو موقف واضح پيش ڪري چڪا آھيون. ارڙھين ترميم تحت اڳ ئي صوبن کي ڪافي معاملن ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ڪيترن ئي کاتن جو اختيار مڪمل طور تي صوبن حوالي نه پيو ڪيو وڃي.