اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي محسن بيگ ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ملڪ هن وقت هڪ عجيب قسم جي بيچيني ۽ انتشار جو شڪار آهي، جڏهنتہ بظاهر حالتون مستحڪم نظر اچن ٿيون۔ سول ۽ ملٽري لاڳاپا ايترا مثالي آهن، جيترا اڳ ڪڏهن به نه رهيا،عالمي سطح تي به پاڪستان جي قيادت کي ساراهيو پيو وڃي — ايتري تائين جو آمريڪي صدر به هر ٻئي ڏينهن تعريفون ڪري ٿو۔پر سوال اهو آهي ته پوءِ بيروزگاري ڇو وڌي رهي آهي؟غربت جو گراف ڇو مٿي وڃي رهيو آهي؟هن چيو ته جيڪڏهن معاشي اشاريا مثبت آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ روز نوان ريڪارڊ ٺاهي رهي آهي، ته پوءِ عام ماڻهوءَ جي قسمت ڇو نه بدلي؟ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جا ڪڪرڇو محسوس ٿي رهيا آهن؟ دشمن اڳ فقط اوڀرئين سرحدن تائين محدود هو، پر هاڻي اولهنديون سرحدون به تپي رهيون آهن۔افغان طالبان سان ڳالهين جا در به بند ٿيندا پيا نظر اچن،هن چيو ته ٻئي پاسي، اڊياله جيل ۾ قيد اڳواڻ جو ارادو لڳي ٿو ته هو ملڪ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو۔ان جي جماعت جو رويو هاڻي مزاحمتي سياست کان اڳتي نڪري، ملڪ دشمن عملن تائين پهچي ويو آهي،جڏهن ته دعوائن باوجود سيڙپڪاري نه آئي،سوال اڃا به اتي آهي ته جيڪڏهن سول ۽ ملٽري لاڳاپا واقعي مثالي آهن،ته پوءِ هي سڀ ڇو آهي؟