سنڌ ۾ هاري بک مرن پيا پر ڏوهاري خوشحال بڻيل آهن:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت جي هاري دشمن پاليسين سبب ان اپائيندڙ هاري بکن تي ۽ ان اسمگلنگ ڪندڙ خوشحال بڻجي ويا آهن، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار هارين جو استحصال ڪري، اسمگلنگ ڪندڙن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، حڪومت سارين جا اگهه گهٽائي هارين جو معاشي قتلام پئي ڪري، سارين جي فصل تي تمام گهڻو خرچ ٿئي پيو ان باوجود مناسب اگهه نٿو ملي. نام نهاد چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن، چونڊيل نمائندن جي مجرماڻي ماٺ ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ايم پي اي ۽ ايم اين اي عوام جي ووٽن تي نه پر فارم 47 تي چونڊجن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو چونڊيل نمائندا ووٽن ۽ ووٽرن جي تذليل ڪندا رهندا آهن. سارين جا اگهه گهٽ ملڻ واري معاملي تي اپوزيشن پارٽين جا نمائندا به خاموش تماشائي بڻجي حڪومت جي هاري دشمن پاليسين ۾ ساٿ ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.