اسلام آباد(بيورو)ن ليگ اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مشير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مسلم ليگ نواز آزاد ڪشمير ۾ بي اعتمادي رٿ ۾ پ پ جو ساٿ ڏيندي،ن ليگ آزاد ڪشمير حڪومت جو حصو نه بڻجندي،پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ ايوان صدر آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته موجوده آزاد ڪشمير حڪومت تي اعتماد ناهي،اسان کي ڪشميرين کي بهتر حڪمراني ڏيڻي آهي،ان ڪري موجوده سيٽ اپ کي تبديل ڪرڻ اڻٽر آهي،پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته موجوده آزاد ڪشمير جي حڪومت مسئلا حل ڪرڻ بدران مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي وئي هئي،مسلم ليگ ن فيصلو ڪيو آهي ته اها آزاد ڪشمير ۾ اپوزيشن ۾ ويهندي،هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياسي استحڪام آڻڻو آهي،مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي،