چونڊيل نمائندا به غير محفوظ،ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ جي گهر ۾ لکن جو ڌاڙو

نوشهروفيروز/مورو (نمائندن وٽان) نوشهروفيروز ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جي لهر انتهائي ڳڻتي جوڳي صورت اختيار ڪري وئي، جتي هاڻ حڪمران پارٽي جا اڳواڻ به ڏوهارين جي نشاني تي اچي ويا، گذريل رات ڳوٺ ڌيرن ۾ هڪ وڏو ڌاڙو هنيو ويو جتي پاڪستان پيپلز پارٽي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ذوالفقار علي بهڻ جي گهر ۾ هٿياربندن ڪاهه ڪري ڦرلٽ ڪئي، ذريعن موجب هٿياربند رات جو ٻه وڳي کان پنج وڳي تائين گهر ۾ موجود رهيا ۽ گهر جي سڀني ميمبرن کي يرغمال بڻائي رکيو، ان دوران ڦورن سونا زيور، نقد رقم، قيميتي سامان ۽ هڪ ويگو گاڏي ڦري ورتي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پنهنجا چهرا ماسڪ سان ڍڪيل ۽ هٿن ۾ دستانا پاتل هئا، جيئن سڃاڻپ ممڪن نه ٿي سگهي، واردات کان پوءِ ڏوهاري ويگو گاڏي پڻ ڪاهي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڪجهه ئي دير بعد اها ويگو گاڏي پوليس کي درس ٿاڻي جي حد مان ملي، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو ڌيرڻ پهچي تفصيلي ورتا ۽ چيو ته پوليس طرفان جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته مورو ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ وڌندڙ ڏوهن سبب ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿا، عوامي ۽ سماجي حلقن پاران سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ضلعي نوشھروفيروز  ۾ وڌندڙ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪري علائقي واسين کي ڏوهارين مان جان ڇڏرائي وڃي.

واردات ضلعي اندر قانون جي عملداريءَ تي به وڏو سوال آهي: جتوئي ڀائر

نوشهروفيروز: اين پي پي سربراھ غلام مرتضى خان جتوئي، مسرور احمد خان جتوئي ۽ ٻين سياسي شخصيتن ذوالفقار علي بهڻ سان ملاقات ڪئي ملاقات دوران جتوئي ڀائرن ڌاڙي واري واقعي تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اها واردات نه صرف هڪ سياسي اڳواڻ تي حملو آهي پر ضلعي اندر قانون جي عملداريءَ تي به وڏو سوال آهي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ته جيئن عوام ۾ پيدا ٿيل خوف ۽ بيچيني ختم ٿئي.

ايم اين اي جي گهر ۾ ڌاڙو دعوائون ڪندڙن تي زور دار چماٽ آهي: ڪاشف شيخ

ڪراچي/سکر (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ بي امني ۽ ڌاڙيل راڄ ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، نوشهروفيروز ۾ پيپلزپارٽي جي سٽنگ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر تي ڌاڙو ڦورن پاران زيورات، نقد رقم سميت قيمتي شيون ۽ ويگو گاڏي ڦر ڪري فرار ٿيڻ جو واقعو سنڌ حڪومت ۽ گهرو وزير ضياءَ لنجار جي منهن تي زوردار چماٽ آهي۔ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور ۾ 70 کان وڌيڪ بدنام ڌاڙيلن جي سرينڊر تقريب ۽ وڪيلن جي تقريب ۾ گهرو وزير پاران "ڌاڙيل راڄ” جي خاتمي ۽ امن امان جي مثالي صورتحال جون دعوائون سندن پنهنجي آبائي ضلعي ۾ ايم اين اي جي گهر تي ڦر سبب ڌوڙ ٿي چڪيون آهن ۽ ڌاڙيلن ان وارڌات ذريعي سنڌ حڪومت کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هاڻي عام ماڻهن کان پوءِ اشرافيه به محفوظ نه آهي۔ حڪومت سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي،  صوبي ۾ رڳو ڪرپشن ۾ ترقي ٿي رهي آهي۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ مرڪز سکر ۾ اجتماع عام جي تيارين جي سلسلي ۾ ضلعي ذميوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه حزب الله جکرو، زبير حفيظ شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔

ڌاڙي بعد سوشل ميڊيا تي سرڪار مٿان تنقيد، ٽارگيٽڊ واردات آهي: ذوالفقار بهڻ

نوشهروفيروز: نوشهرو فيروز ڀرسان ڳوٺ ڌيرڻ ۾ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙي بعد سوشل ميڊيا تي پوليس جي عملداري ۽ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا صارفين لکيو ته ايم اين اي به محفوظ ناهن ته عوام ماڻهو سان ڇا ڇا نه ٿيندو هوندو، ضلعي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، ڪجهه سوشل ميڊيا تي سرگرم اڳواڻن لکيو ته ايم اين اي جي گهر مان ڌاڙي واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي پر ڪنهن بيگناهه ماڻهو ان ڪيس ۾ نه ڦاسايو وڃي، ايم اين اي جي گهر مان ڌاڙو سازش لڳي رهيو آهي، واقعي بابت ايس ايس پي روحل کوسو  چيو ته ڏوهارين جو پتو لڳائڻ لاءِ فرانزڪ، آءِ ٽي سميت جديد جاچ ٽيمن جي مدد سان ڏوهارين جو پتو لڳائڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي، متاثر ايم اين اي ذوالفقار بهڻ ٻڌايو ته ٽارگيٽڊ واردات ڪئي وئي آهي جنهن جو جلد پتو لڳائي ڏوهارين کي وائکو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.