آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته واشنگٽن اسرائيل طرفان ڇنڇر تي غزا ۾ ڪيل حملي کي جنگبندي جي ڀڃڪڙي نٿو سمجهي.
ان حملي بابت اسرائيل جو چوڻ آهي ته هن غزا ۾ هڪ فلسطيني عسڪريت پسند گروهه جي رڪن کي نشانو بڻايو، اسلامي جهاد گروپ جو رڪن اسرائيلي فوجين تي حملي جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.
هوڏانهن اسلامي جهاد حملي جي منصوبابندي جو الزام رد ڪري ڇڏيو آهي.
مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته اسرائيل پنهنجي دفاع جي حق تان هٿ ناهي کنيو، جيڪو ان معاهدي جو حصو آهي، جنهن کي واشنگٽن، مصر ۽ قطر ڪرايو هو، جيڪڏهن اسرائيل کي خطرو محسوس ٿئي ته ان کي ڪارروائي جو حق حاصل آهي ۽ سمورا ٽياڪڙ ان ڳالهه تي متفق آهن.
You might also like