آءِ فون 16 پرو جي پي ٽي اي رجسٽريشن هاڻ آسان، شاندار سهولت اچي وئي

پاڪستان ۾ آءِ فون 16 پرو استعمال ڪندڙ واهپيدار پنهنجي فون پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) مان رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ هڪ ئي وقت ۾ ڳري رقم ادا ڪرڻ بدران آسان ماهوار قسطن ۾ ٽيڪس ادا ڪري سگهن ٿا.
بينڪ الفلاح طرفان اها سهولت بنا وياج جي متعارف ڪرائي وئي آهي ته جيئن واهپيدار آساني سان پنهنجي موبائل فون کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن.
بينڪ الفلاح جي ”الفا“ ايپ ذريعي واهپيدار هاڻ آءِ فون 16 پرو جي پي ٽي اي ٽيڪس کي مرحلي وار ادا ڪري سگهن ٿا، اها سهولت رڳو بينڪ الفلاح ڪريڊٽ ڪارڊ هولڊرز لاءِ آهي.
قسطن جي تفصيل موجب 36 مهينن جي پلان ۾ ماهوار قسط 7443 رپيا، 24 مهينن لاءِ 9602، 12 مهينن لاءِ 16116، جڏهن ته 9 مهينن لاءِ 20467 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي ريت 6 مهينن لاءِ 26116 ۽ 3 مهينن لاءِ 52322 رپين جي قسط رکي وئي آهي، جن تي ڪو وياج لاڳو نه ٿيندو پر 0 سيڪڙو مارڪ اپ واري پلان تي 5 سيڪڙو پراسيسنگ فيس وصول ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.