مريم نواز جو صوبي جي 65 هزار مسجدن جي پيش امامن لاءِ وظيفو مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي 65 هزار مسجدن جي پيش امامن لاءِ وظيفو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مريم نواز جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسجدن جي پيش امامن لاءِ وظيفو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
مريم نواز چيو ته مسجدن جا پيش امام معاشري ۾ احترام لائق فرد آهن، پاڙي مان چندو گڏ ڪري مسجد جي پيش امام کي ادائيگي غير مناسب آهي، تنهن ڪري حڪومت انهن جي معاشي مدد ڪندي.
هن مسجدن جي تعمير ۽ مرمت جا پراجيڪٽ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.