لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي خاص پنڪ ٿيم ڪِٽ متعارف ڪرائي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ڏکڻ آفريڪا خلاف 28 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ شيڊيول پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي رانديگر پنڪ جرسيون پائي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ حصو وٺندا.
امپائرز، عملي ۽ ڪامينٽيٽرز به پنڪ ربن پائي مهم جي حمايت ڪندا.
ميچ ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽمپس به گلابي رنگ جا هوندا، جڏهن ته ميدان جي چوڌاري ان حوالي سان سان آگاهي پيغام ڏيکاريا ويندا.
اِهو پهريون موقعو آهي جو پي سي بي ڪنهن بين الاقوامي ميچ ۾ بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم کي شامل ڪيو آهي.
ان کان اڳ ”پنڪ ڊي“ ايونٽس رڳو پي ايس ايل دوران منعقد ڪيا ويندا هئا.
پي سي بي جي سي اي او سمير احمد سيد جو چوڻ آهي ته اسان ڪرڪيٽ جي مقبوليت کي سماجي آگاهي لاءِ استعمال ڪرڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا، وقتائتي نشاندهي اڻ ڳڻيون حياتيون بچائي سگهي ٿي.
ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 31 آڪٽوبر، جڏهن ته ٽِين ۽ آخري ميچ پهرين نومبر تي لاهور کيڏي ويندي، ان کانپوءِ ٻئي ٽيمون فيصل آباد جو رخ ڪنديون جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز چار نومبر کان شروع ٿيندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت جاڳرتا مهم: شاهين، پروٽيز خلاف سڀاڻي ” گلابي ڪٽ“ پائي ميدان تي لهندا
You might also like