ڀارت ۾ آسٽريلوي عورت ڪرڪيٽرز سان اڻوڻندڙ حرڪت، بي جي پي وزير رانديگرياڻين کي ئي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

اندور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي پارلياماني معاملن واري وزير ڪيلائش وجئه ورگيا آسٽريلوي عورت ڪرڪيٽرز سان اڻوڻندڙ حرڪت جو ذميوار رانديگرياڻين کي ئي قرار ڏئي ڇڏيو.
ٻه ڏينهن اڳ ڀارتي شهر اندور ۾ آسٽريلوي وومينز ڪرڪيٽرز سان جنسي هراساني جو واقعو پيش آيو هو.
موٽر سائيڪل سوار هڪ همراهه هوٽل کان ڪيفي ٽيريا ويندڙ ٻن آسٽريلوي پليئرز مان هڪ کي انتهائي اڻوڻندڙ طريقي سان ڇهي فرار ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو هو.
ان واقعي کانپوءِ هاڻي مڌيا پرديش جي پارلياماني معاملن واري وزير ڪيلاش وجئه ورگيا اندور ۾ پيش آيل واقعي جو ذميوار آسٽريلوي ڪرڪيٽرز کي قرار ڏئي ڇڏيو.
بي جي پي سان واسطو رکندڙ رياستي وزير جو چوڻ هو ته آسٽريلوي عورت ڪرڪيٽرز جو بنا اطلاع ٻاهر نڪرڻ سندن غلطي هئي، کين واقعي مان سبق ملندو ۽ هو مستقبل ۾ احتياط ڪنديون.
ڀارتي وزير اِهو پڻ تسليم ڪيو ته آسٽريلوي وومين ڪرڪيٽرز سان بدتميزي سيڪيورٽي جي ناڪامي پڻ آهي.

بي جي پي وزير جي بيان تي ڪانگريس جو ردعمل
ٻئي پاسي ڪانگريس رياستي وزير جي بيان کي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي سوچ قرار ڏيندي چيو آهي ته وزي ڪيلاش وجئه ورگيا جو بيان بي جي پي جي نظريي جي عڪاسي ڪري ٿو.
ڪانگريس اڳواڻ ارون يادَو وڌيڪ چيو ته سڄو ملڪ هن واقعي تي شرمسار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.