ڪراچي ۾ اربين رپين جي  تڪراري پلاٽ تي ”مالڪي “وارو معاملو سنگين ٿي ويو

ڪراچي (حنيف دوامي)ڪراچي ۾ هڪ تڪراري ٽي ايڪڙ پلاٽ بابت خوفناڪ ۽ ڏاڍي پيچيده ڪهاڻي سامهون آئي آهي، جتي زمين بندرگاهه(ڪي پي ٽي) جي آهي، پر دعويٰ ڪي ڊي اي ۽ ڊي سي جا ڪاغذ ڏيکاريندڙ ڌريون ڪري رهيون آهن۔رپورٽن مطابق هي پلاٽ ماءِڪلاچي واري اهم علائقي ۾ واقع آهي، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 7 کان 8 ارب رپيا ٻڌائي وڃي ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ ناليواري بلڊر جاويد اقبال کي مبينا طور ڪلفٽن مان پوليس جي موبائلن ۾ آيل هٿياربند ماڻهن اغوا ڪيو، ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هو “مومن آباد ٿاڻي” مان جعلي ڪيسن سميت ”ظاهر” ڪيو ويو،ميڊيا رپورٽن موجب، شروعاتي حڪمن ۾ مبينا طور جاويد اقبال کي “فل فراءِ” يا “هاف فراءِ” ڪرڻ جا حڪم هئا، پر ويسٽ زون پوليس اهڙي غيرقانوني حڪم تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ معاملي کي رڳو ڪيسن تائين محدود رکيو،جاويد اقبال جي ويجهن حلقن الزام هنيو آهي ته هن تڪراري زمين جي معاملن ۾ ”اهم سياسي گهر“، هڪ  وزير  ۽ پوليس جي اعلى آفيسرن کي سڄي خبر آهي ، جڏهن⁠ ته ڪي پي ٽي جيڪا هن زمين جي اصل مالڪ آهي، ڪنهن نامعلوم دٻاءَ سبب خاموش آهي،هن زمين تي اڳ درياهه وهندو هو، جنهن کي ڀري زمين ۾ تبديل  ڪيو ويو، ۽ پوءِ مختلف گروپن هٿان هن تي قبضن جا سلسلا شروع ٿيا،پهرين جاويد اقبال جي قبضي ۾ زمين هئي، پوءِ مبينا طور اهم شخصيت جي ڪاروباري ڀائيوار ۽ ”سياسي هائوس“ جي مدد سان اعظم آفريدي نالي ٻي ڌر وٽ منتقل ٿي وئي، ٻنهي ڌرين وٽ جعلي الاٽمينٽ پيپرز ٻڌايا پيا وڃن ڪي ڊي اي جا دستاويز جاويد اقبال وٽ، ۽ ڊي سي آفيس جا اعظم آفريدي وٽ دستاويز آهن،جڏهن ته قانوني طور ڪي ڊي اي ۽ نه ئي ڊي سي کي ڪي پي ٽي جي زمين تي الاٽمينٽ جاري ڪرڻ جو اختيار آهي،اهو پلاٽ هن وقت ٻن ڌرين جي وچ ۾ قبضي ۽ طاقت جي ويڙهه ۾ ڦاٿل آهي، اعظم آفريدي جي قبضي مهل گورنر هائوس جي مدد سان بلڊر جاويد اقبال پاران ”هڪ اداري“ جا ماڻهو قبضو ڇڏرائڻ آيا ته انهن تي حملو ڪيو ويو ،آفيسرن کي زخمي ڪري موٽايو ويو، جنهن بعد ويگو ڊالا ڀرجي آيا ۽ اعظم آفريدي جي ماڻهن کي به ڪٽڪو ڏنو ويو ۽ اعظم آفريدي جي ڳولا جي سلسلي ۾ اداري جا ماڻهو ”اهم سياسي هائوس“ تائين پهچي ويا،اعظم آفريدي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو پر هڪ وزير جي وچ ۾ پوڻ ۽ ٻانهون ٻڌڻ کانپوءِ معاملو ٽري ويو، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسڻو پوندو ته جنهن اداري جي زمين آهي اهو  اک پٽي ٿي ويو يا نه؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.