اسلام آباد/مظفرآباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) آزادڪشمیر ۾ حڪومت سازي لاءِ صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب، آصف علي زرداري شهباز شريف کي آزاد ڪشمیر ۾ حڪومت ٺاهڻ جي فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو، جنهن کان پوء شهباز شريف مسلم ليگ آزاد ڪشمير ڪميٽي کي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ذريعن موجب، مسلم ليگ ن جي ڪميٽي ۾ احسن اقبال، رانا ثنا الله ۽ امير مقام شامل آهن، ۽ پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ ڪميٽي مسلم ليگ آزادڪشمير سان مشاورت شروع ڪري چڪي آهي.ان کان سواءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان قائرہ پنهنجي بيان ۾ چيو ته مسلم ليگ ن آزاد ڪشمیر ۾ مخالف ڌر ۾ ويهڻ جي فيصلن کان پيپلز پارٽي کي آگاهہ نه ڪيو، جڏهن ته اسان جا نمبر مڪمل ٿي وڃن، ته حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. آزاد ڪشمیر جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ان هاؤس تبديلي لاءِ پيپلز پارٽي فارورڊ بلاڪ ۾ شامل بيرسٽر سلطان محمود چوڌري گروپ سان رابطو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب بيرسٽر سلطان محمود چوڌري گروپ پيپلز پارٽي کان اسپيڪر آزاد ڪشمیر اسيمبلي جو عهدو گهرڻ جي درخواست ڪئي آهي.