ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان پاڪ – افغان مسئلو جلد حل ڪندس.
ملائيشيا جي تخت گاهه ڪوالالمپور ۾ جاري آسيان سمٽ کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هڪ ٻي جنگ روڪرائڻ اڃا باقي آهي، ٻڌو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وري مسئلا شروع ٿي ويا آهن، مون کي لڳي ٿو ته مان ان مسئلي جي حل لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ٿو.
هن چيو ته مان ٻنهي ملڪن کي سڃاڻان ٿو ۽ مان پاڪ – افغان مسئلو جلدي حل ڪندس ۽ سٺي طريقي سان ڪندس.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سٺا ماڻهو آهن، مون کي ٻنهي تي اعتماد آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان پاڪ – افغان مسئلو جلد حل ڪنداسين.
You might also like