افغانستان مان دراندازي جي ڪوشش ناڪام، 4 آپگهاتي بمبارن سميت 25 خارجي مارجي ويا، 5 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي سرحد تان دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 25 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته مقابلي ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب خارجين جي ٻن وڏن گروهن 24 ۽ آڪٽوبر تي گهڪي ڪرم ۽ اسپن وام جي علائقن ۾ دراندازي جي ڪوشش ڪئي، اسپن وام ۾ فورسز ڪارروائي دوران 4 آپگهاتي بمبارن سميت 15 خارجي ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته گهڪي ۾ وڌيڪ 10 خارجين کي ماريو يوو، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا، جن ۾ حوالدار منظور حسين، سپاهي نعمان الياس ڪياني، سپاهي محمد عادل، سپاهي شاهه جهان ۽ سپاهي علي اصغر شامل آهن.
ترجمان چيو ته پاڪ – افغان ڳالهين باوجود فتنه الخوارج جون دراندازي جون ڪوششون جاري آهن، پاڪستان مسلسل افغان حڪومت کي پنهنجي سرحد طرفان اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ کي يقيني بڻائڻ جو چئي رهيو آهي، اميد ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.