ڪراچي ۾ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ،3 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي جي زمينن ۾ ڪرپشن جا قصا ميگا اسڪينڊل ،معاملو نيبجي ريڊار تي اچي ويو،نيب چيئرمين ليفٽننٽ جنرل (ر) نظير احمد بٽ سان آبادجي چيئرمين محمد حسن بخشي ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران وڏي پيماني تي زمينن جي جعلي دستاويزن بابت ڳالهيون سامهون آيون۔رپورٽن موجب، ڪراچي ۾ اٽڪل 7 هزار ايڪڙ زمين تي جعلي دستاويزات ٺاهي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي وئي۔ هي زمينون خاص طور تي لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي (LDA)، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (KDA) ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (MDA) جي منصوبن سان لاڳاپيل آهن۔ رپورٽ موجب جعلي دستاويزن جي آڙ ۾ ٽي هزار ارب رُپين کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي۔حسن بخشي هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ٻڌايو ته سن 1947 کان وٺي هاڻي تائين زمينن جا رڪارڊ درست ڪيا ويا آهن ۽ غيرقانوني الاٽمينٽ واضح طور تي سڃاتي وئي آهي۔ سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن انهن زمينن جي صرف 50 سيڪڙو ڊي سي ويليو ڏٺي وڃي، ته اها 10 ارب ڊالر کان وڌيڪ بڻجي ٿي۔نيب چيئرمين چيو آهي ته جيڪي به سرڪاري آفيسر يا بااثر شخصيتون هن ڪرپشن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ۽ لٽيل رقم قومي خزاني ۾ واپس آندي ويندي۔ نيب هڪ جامع منصوبي تي ڪم ڪري رهي  آهي، جيڪو جنوري 2026 کان عملي صورت ۾ نظر ايندو۔ذريعن  موجب، ڪجهه ملوث آفيسرن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ۽ ڪيترن کي ايئرپورٽس تان روڪيو ويو آهي، ته جيئن اهي ملڪ ڇڏي نه سگهن۔پروگرام ۾ حسن بخشي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ساڍا 7 هزار ايڪڙ نه پر 18 هزار ايڪڙ زمين جي غلط الاٽمينٽ ڪئي وئي آهي، حڪومت زمينن جو رڪارڊ ڊجيٽلائز ڪري رهي آهي، پر جيڪڏهن بنيادي ڊيٽا جعلي آهي، ته پوءِ “گاربيج ان ۽ گاربيج آئوٽ يعني غلط ڊيٽا سسٽم ۾ وجهبو ته نتيجا به غلط نڪرندا۔سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار کي سينٽرلائزڊ لينڊ رڪارڊ سسٽم قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتي سڀني ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي ڊيٽا هڪ جڳهه تي گڏ هجي،رپورٽ مطابق، صرف پنجن سالن ۾ 85 هزار غيرقانوني عمارتون ڪراچي ۾ تعمير ٿيون، جڏهن ته مجموعي طور هڪ لک عمارتون ٺهيون، جن مان اڌ کان وڌيڪ قانوني منظوري کان سواءِ هيون،اها رپورٽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي مدد سان تيار ڪئي وئي، پر بعد ۾ اها رپورٽ “غائب” ڪئي وئي۔بخشي جو چوڻ هو ته شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتون اڃا به جاري آهن، جيڪي مستقبل ۾ انساني ۽ معاشي الميي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، خاص طور ڪنهن قدرتي آفت دوران۔پروگرام ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته گوادر ۾ به ٽي هزار ارب رُپين جي تڪراري الاٽمينٽ نيب جي تحقيقات ۾ آهي۔ نيب سڄي ملڪ ۾ خاموشي سان پويان هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽس جو رڪارڊ گڏ ڪري رهي آهي۔حسن بخشي ٻڌايو ته آباد تازو ئي سعودي پرنس منصوب بن سعود سان مفاهمت نامو (MoU) تي صحيح ڪئي آهي ته هو پاڪستان ۾ نوان هائوسنگ منصوبا هلائيندا، پر مسئلو اهو آهي ته ملڪ ۾ زمين جو ٽائيٽل صاف ناهي،هن چيو ته  غيرقانوني الاٽمينٽ سبب تعميراتي شعبي جا ماڻهو پاڻ به هن دلدل ۾ ڦاسي پيا آهن،اسان کي اميد آهي ته جلد احتساب ٿيندي نظر ايندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.