سڊني (ويب ڊيسڪ) روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي شاندار ڪارڪردگي سان ڀارت ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا هٿان وائيٽ واش کان بچي ويو.
ڀارت ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري مقابلي ۾ آسٽريليا کي نون وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شُڀمَن گِل ٽاس جي معاملي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڀاڳو ثابت ٿيو، جڏهن ته مچل مارش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي 47 هين اوور ۾ 236 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان مچل مارش 41، ٽرويس هيڊ 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ميٽ رنشا 56 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، جڏهن ته ٻين رانديگرن مان ميٿيو شارٽ 30، اليڪس ڪيري 24 ۽ ڪوپر ڪانولي 23 رنسون ٺاهي سگهيا.
ڀارت طرفان هرشيت راڻا شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي چار وڪيٽون ورتيون، واشنگٽن سُندر ٻه، محمد سراج، اڪشر پٽيل، پراسيڌ ڪرشنا ۽ ڪلديپ يادَو جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.
آسٽريليا جي 237 رنسن جي هدف ۾ ڀارت طرفان روهت شرما ۽ شُڀمَن گِل اننگز جي شروعات ڪئي. ڀارت جي پهرين ۽ ميچ جي واحد وڪيٽ 69 رنسن تي ڪِري، جڏهن ڪپتان گل 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کان پوءِ ڀارتي ٽيم جي سينيئر بيٽرز ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما وچ ۾ 168 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
ان دوران روهت شرما پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 33هين سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته ويرات ڪوهلي شروعاتي ٻن ميچن ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿيڻ بعد ففٽي ٺاهي.
روهت شرما 121 ۽ ويرات ڪوهلي 74 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي ڀارت کي فتح ڏياري.
آسٽريليا جي هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته روهت شرما کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٻيو بيٽر بڻجي ويو
پنهنجي اننگز دوران ويرات ڪوهلي 54هين رنس ٺاهي اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا کان اڳتي نڪري ويو ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو.
ان فهرست ۾ سچن ٽنڊولڪر 463 ميچن ۾ 18426 رنسن سان پهرين نمبر تي آهي.
واضح رهي ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز آسٽريليا 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 29 آڪٽوبر تي ڪينبرا ۾ شروع ٿيندي.