آسٽريلوي بورڊ پاڪستاني رانديگرن جي بِگ بيش ليگ کيڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڪير ڪير کيڏندو ؟

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا ) جي چيف ايگزيڪٽيو ٽوڊ گرين برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني رانديگرن کي بِگ بيش ليگ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي.
ٽوڊ گرين برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي بي بي ايل لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان گذريل هفتي خبر پئجي ويندي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڏاڍا پرجوش آهيون ڇو ته پاڪستان جا سٺا پليئر بي بي ايل جو حصو آهن، اسان پاڪستاني رانديگرن جا منتظر آهيون.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ليگز لاءِ قومي ڪرڪيٽرز جي اين او سي هولڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.