هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو ۾ پوليس گاڏي جي ويجهو ڌماڪي ۾ ايس پي آپريشنز سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس اختيارين موجب، دهشتگردن پهرين هنگو جي علائقي غلمينا ۾ پوليس چيڪ پوسٽ کي بارودي مواد سان اُڏايو، پر ان ۾ ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو.
پوليس موجب، ڌماڪي کانپوءِ جڏهن ايس پي آپريشنز اسد زبير ٻين اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ وڃي رهيو هو ته درابن وٽ پوليس جي گاڏي کي بارودي مواد سان نشانو بڻايو ويو.
ڊي ايس پي خانزيب مهمند موجب ڌماڪي ۾ ايس پي اسد زبير ۽ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻه اهلڪار زخمي پڻ ٿيا.
پوليس اختيارين چيو آهي ته ڌماڪي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال هنگو منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي واڌو نفري به مقرر ڪئي وئي آهي.
گهرو وزير محسن نقوي هنگو ۾ پوليس گاڏيءَ کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي شهيد ٿيندڙ ايس پي آپريشنز اسد زبير سميت 3 پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
محسن نقوي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد ايس پي اسد زبير ۽ ٻين پوليس اهلڪارن جي قرباني رائيگان نه ويندي.
You might also like