ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊجيٽل بينڪنگ فراڊ بابت درخواست جي فوري ٻڌڻي منظور ڪندي وفاقي محتسب، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. متاثر شهري صدر پاڪستان جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ بعد عدالت جو در کڙڪايو. درخواست ۾ چيو ويو ته شهري جي اڪائونٽ مان لکن رپين جو فراڊ ڪيو ويو، پر بئنڪ ۽ محتسب بغير جاچ درخواست رد ڪري ڇڏي. صدر پاڪستان متاثر شهري جي حق ۾ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر عمل نه ٿيو. عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته اسٽيٽ بئنڪ کي ريگوليٽري قانونن تي عملدرآمد ۽ واهپيدارن جي تحفظ لاءِ هدايت جاري ڪئي وڃي۔