راولپنڊي(م ڊ) خیبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدی عدالتي حڪم جي باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻو هڻي ملاقات کان سواءِ واپس روانو ٿي ويو. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سان ملاقات جي ڏينهن وزيراعليٰ خیبرپختونخوا، صوبائي صدر جنيد اڪبر، سينيٽر مشال يوسفزئي، اڳوڻي اسپيڪر صوبائي اسمبلي مشتاق غني ۽ ٻين اڳواڻن کي اڊيالا جيل جي ويجهو روڪيو ويو. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي هدايت ڪئي هئي ته 24 مارچ جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي، جنهن تحت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان هفتي ۾ ٻه دفعا ملاقاتن جو شيڊول بحال ڪيو ويو هو. عدالت جيل اختيارين کي پڻ هدايت ڪئي هئي ته ملاقاتون پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پاران فراهم ڪيل فهرست مطابق ڪيون وڃن. تنهن هوندي، عدالتي حڪم جي باوجود وزيراعليٰ خیبرپختونخوا ۽ ٻين اڳواڻن کي ملاقات نه ڪرڻ ڏني وئي، جنهن تي انهن اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻو ڏئي ڇڏيو. ان دوران، جنيد اڪبر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اڄ به ملاقات نه ڏني وئي ته هو پنهنجي پارٽي کي مشورو ڏيندو ته اسان عدالتن تي اعتماد نه ڪريون وزيراعليٰ سهيل آفريدی ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خیبرپختونخوا جي عوام جيڪڏهن ووٽ ڏنو ته اهو باني پي ٽي آءِ جي نظرئي ۽ پاليسي سبب ڏنو، ۽ ان جو حق آهي ته هو عوامي مينڊيٽ جو امين بڻجي پنهنجن قائدن سان ملڻ وڃي ۽ پاليسي گائيڊ لائن وٺي. وفاق کي بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ بابت سوال تي وزيراعليٰ چيو ته گاڏيون ايڪسپائر ۽ سيڪنڊ هينڊ هيون، ۽ انهن جو پوليس ۽ شهيدن سان ڪو به تعلق ناهي. هن اهو پڻ پڇيو ته اهي گاڏيون ڪٿي ويون؟ هن چيو ته گاڏيون بلوچستان کي ڏنيون ويون آهن، ۽ جيڪڏهن اهي گاڏيون اسان کي واپس ڪرڻيون هيون ته وفاق انهن کي پنهنجي استعمال ۾ رکي سگهي ٿو.سهيل آفريدی اهو به مطالبو ڪيو ته اين ايف سي جو اجلاس جلدي بلائي وڃي ۽ خیبرپختونخوا جو 350 ارب رپين جو حصو ڏنو وڃي، ڇو ته انهن جا بقايه 2200 ارب رپين کان وڌيڪ آهن. جيڪڏهن وفاق دهشتگردي جي خاتمي ۾ سنجيده آهي، ته اهي خیبرپختونخوا کي ان جا پئسا ڏين، ڇو ته اهو انهن جي بي حسي آهي.