پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ سهڪار خطي ۾ امن کي هٿي ڏيندو:فيلڊ مارشل

راولپنڊي/قاهرا (م ڊ) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مصر جي سرڪاري دوري تي آهي، جتي فيلڊ مارشل  مصر جي بچاءَ ۽ دفاعي پيداوار واري وزير جنرل عبدالماجد صقر سان ملاقات ڪئي. فيلڊ مارشل مصري فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل احمد خليفا فتحي سان به ملاقات ڪئي. ملاقاتن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته مصر هڪ ڀائر اسلامي ملڪ آهي، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ سهڪار ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي، اهو سهڪار خطي ۾ امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. آءِ ايس پي آر موجب، بچاءَ واري وزارت جي دوري ۾ فيلڊ مارشل جي شاندار آجيان ڪئي وئي. فيلڊ مارشل عاصم منير کي مصري فوج جي جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. فيلڊ مارشل الازهر يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر شيخ احمد الطيب سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شيخ الازهر مسلمان امت کي پيش ايندڙ چئلينجز تي ڳالهيون ڪيون. فيلڊ مارشل انتهاپسند نظرين، اسلام جي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل تشريحن جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏنو. فيلڊ مارشل گمنام سپاهين جي يادگار ۽ اڳوڻي صدر انور سادات جي قبر تي گل رکيا. آءِ ايس پي آر موجب، دوري جو مقصد پاڪ مصر عسڪري سهڪار ۽ دفاعي ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.