سنڌ کي ڪرپشن،ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويوآهي: اياز پليجو

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي ،ڪرپشن، بدامني لاقانونيت، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف  ھزارين ماڻھن جي محبت سنڌ پنڌ مارچ ڪري شھر جو گشت ڪرڻ بعد ٽائون آفيس آڏو جلسو ڪيو ويو. قومي عوامي تحريڪ  جي سربراھ اياز لطيف پليجو ڳڙھي خيرو پھچڻ تي شھرين، واپارين ۽ سياسي سماجي ماڻھن گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ پنهنجي درياھ، زمينن، سمنڊ، ٻيلن، جبلن، وسيلن لاءِ وڙھندي.  نوڪريون وڪڻڻ، نوان ڪينال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ غير قانوني عمل آهن. سارين جو اگهھ گھٽائي ۽ ناجائز ڪٽوتي ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. زرعي پروجيڪٽن جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضا سنڌ جا ماڻهو برداشت نه ڪندا. سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ ڏئي رھي آھي. زمينن تي قبضن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سان سنڌ تباھ ٿي ويندي. مفاد پرست حڪمرانن سنڌ کي ڏوهن ۽ قبائليت جي حوالن ڪيو آهي. ڪا به اهڙي ترميم قبول نه ڪئي ويندي جيڪا سنڌ جي وحدت تي حملو هجي، وفاق ۽ سنڌ جا حڪمران عارضي مفادن خاطر وفاق کي نقصان پهچائڻ بند ڪن.. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، شدت پسندي، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ دنيا جي ماڻهن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو. ترقي جي عمل ۾ سڄي دنيا جي شرڪت کانسواءِ نتيجا ممڪن  نه آهن. ملڪ ۾ عدم استحڪام سان دشمن طاقتون فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪنديون. اياز لطيف پليجي چيو ته سارين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائڻ خلاف آبادگار ۽ ھاري پرامن جدوجھد جي ميدان تي اچن. خاموش رھڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. اياز لطيف پليجي چيو  ته وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون نٿا ٻڌن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو  ته چونڊون پليٽ ۾ سينگاري پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن کي ڏنيون ويون. سنڌ جا ماڻهو ڪيترن ڏهاڪن کان پنهنجا حقيقي نمائندا چونڊي نه سگهيا آهن. اقتداري پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي. اھي پاڻ خود احتسابي ڪن. سردارن ۽ وڏيرن ڇوڪرين جي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. سندھ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. اياز لطيف پليجي چيو  ته سنڌ ۾ ڏوھن ۽ غيرقانوني پناهگيرن جو مسئلو انتهائي وڏو بڻجي چڪو آهي. وفاق ۽ سنڌ جون حڪومتون سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات کي لٽڻ بند ڪن. سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين.ايازلطيف پليجي چيو  ته سينيٽ کي عوام جو حقيقي نمائندو ۽ طاقتور فورم بڻائڻ جي ضرورت آهي.   سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن به برابري وارا حق ناهن مليا. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻھن سان غداري ڪئي وئي آھي. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي عوام کي فقير بنايو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.