ڏکڻ آفريڪا خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊز جو اعلان، بابر ۽ نسيم جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊز جو اعلان ڪيو ويو، ٽي ٽوئنٽي ۾ بابراعظم ۽ نسيم شاهه جي واپسي ٿي وئي آهي.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ سر يلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۽ ٽه ملڪي سيريز ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ لاءِ به ساڳي اسڪواڊز برقرار رهندي
پي سي بي سليڪشن ڪميٽي طرفان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل لاءِ 15 رڪني ۽ ون ڊي لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ۾ اڳوڻي ڪپتان بابراعظم ۽ نسيم شاهه جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ته عثمان طارق پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو بڻيو آهي.
اعلانيل ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، بابراعظم، فهيم اشرف، حسن نواز، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، محمد سلمان مرزا، نسيم شاهه، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، شاهين آفريدي، عثمان خان ۽ عثمان طارق شامل آهن، جڏهن ته فخر زمان، حارث رئوف ۽ سفيان مقيم کي ريزرو ۾ رکيو ويو آهي.
ون ڊي اسڪواڊ ۾ شاهين آفريدي (ڪپتان)، ابرار احمد، بابراعظم، فهيم اشرف، فيصل اڪرم، فخر زمان، حارث رئوف، حسيب الله، حسن نواز، حسين طلعت، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صائم ايوب ۽ سلمان علي آغا شامل آهن.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 28 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏي ويندي، جڏهن ته سريلنڪا ۽ زمبابوي سان ٽي ٽوئنٽي ٽي ملڪي سيريز 17 کان 29 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.