جيل رولز ۾ قيدين جي سياسي ڳالهه ٻولهه تي بندش واري شق ختم ڪرڻ بابت سنگل بئنچ جو فيصلو معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل رولز ۾ قيدين جي سياسي ڳالهه ٻولهه تي پابندي واري شق ختم ڪرڻ بابت سنگل بئنچ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجربئنچ سنگل بئنچ جو فيصلو معطل ڪيو.
واضح رهي ته جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي بئنچ واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي هئي.
حڪومت پنجاب سنگل بئنچ جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.
هاڻي پنجاب پريزن رولز مان قيدين جي سياسي ڳالهه ٻولهه تي پابندي ختم ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.