ايڊيليڊ(ويب ڊيسڪ) ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي هاڻي ٻُڙي تي آئوٽ ٿيڻ جو ناپسنديده رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
خميس ڏينهن ويرات ڪوهلي آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪينگروز خلاف پهرين ون ڊي ۾ به ڪوهلي ٻُڙي تي پويلين موٽي ويو هو.
اهڙي طرح ويرات ڪوهلي پنهنجي ون ڊي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو لاڳيتو ٻن ميچن ۾ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو .
ان کانسواءِ ويرات ڪوهلي موجودا ڪرڪيٽرز (يعني جيڪي رٽائر نه ٿيا آهن) ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيندڙ بيٽر جو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ڀارتي اسٽار بيٽر 304 ميچن ۾ 18 ڀيرا زيرو تي آئوٽ ٿيو آهي.
موجودا ڪرڪيٽرز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿيندڙ بيٽرز ۾ ٻئي نمبر تي ڀارت جو ئي روهت شرما آهي، جيڪو 17 ڀيرا کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو.
واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا زيرو تي آئوٽ ٿيڻ جو رڪارڊ سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان سنٿ جئه سوريا وٽ آهي، جيڪو 445 ميچن ۾ 34 ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو.