آءِ ٽي ۾ آمريڪا کان اڳتي آهيون ته موبائل سگنل ڇو ناهن\سرڪاري ميمبر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي ميمبر آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزا فاطمه تي سخت تنقيد ڪئي، سندن چوڻ هو ته حڪومت آءِ ٽي جي ميدان ۾ ترقي  جون دعوائون ڪندي آهي، پر عوام کي بنيادي سهولتون به مهيا نٿيون ڪيون وڃن. قومي اسيمبلي جي آءِ ٽي اينڊ ٽيليڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين امين الحق جي صدارت ۾ ۾ ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي ميمبرن ملڪ ۾ موبائل سگنلز ۽ انٽرنيٽ سروسز جي ناقص ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. اجلاس دوران حڪومتي رڪن ذوالفقار ڀٽي وفاقي وزير شزا فاطمه تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان آءِ ٽي ۾ آمريڪا کان اڳتي نڪتل آهيون، ته منهنجي تڪ سرگوڌا ۽ منهنجي گهر ۾ سگنل نٿا پهچن، ڇا اسان وٽ ٻار نه آهن؟ ڇا اسان ڪميٽي ۾ صرف بسڪٽ کائڻ آيا آهيون؟ هن وفاقي وزير جي رويي تي پڻ ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چيئرمين ڪميٽي امين الحق جي مداخلت تي هو واپس پنهنجي سيٽ تي ويٺو. وفاقي وزير شزا فاطمه وضاحت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اسپيڪٽرم جي گهٽتائي جي سبب سروس جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته سڄو ملڪ 274 ميگا هرٽز تي هل رهيو آهي، جڏهن اسپيڪٽرم ئي نه هوندو ته ٽاور لڳائڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. هن چيو ته اسپيڪٽرم سان لاڳاپيل ڪيس عدالتن ۾ جاري آهن جنهن سبب نيلامي ۾ دير ٿي رهي آهي، تنهن هوندي به حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڊسمبر يا جنوري تائين اسپيڪٽرم جا واڪ مڪمل ڪيون. ميمبرن چيو ته آءِ ٽي ۾ ترقي جون دعوائون صرف وڏن شهرن تائين محدود آهن، جڏهن ته ننڍن شهرن جو عوام بنيادي سهولتن کان پڻ محروم آهن. چيئرمين ڪميٽي امين الحق موبائل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي ناقص ڪارڪردگي تي پي ٽي اي عملدارن کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ منصوبي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منصوبي جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو ته ڪم تيزي سان جاري آهي. شزا فاطمه ٻڌايو ته منصوبي جي ڊيڊ لائن 31 آڪٽوبر هئي، پر ڪورين پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز جي بار بار تبديلي سبب دير ٿي آهي، هي منصوبو ڪورين حڪومت جي تعاون سان ٺهي رهيو آهي ۽ ان جي فنڊنگ پڻ اهي فراهم ڪري رهيا آهن، وزيراعظم منصوبي ۾ دير تي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي.وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن منصوبو تڪراري بڻيو ته ان جا اثر ٻين شهرن جي آءِ ٽي پارڪن تي به پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.