مستونگ (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي تعلقي دشت ۾ اڻاتل هٿياربندن 9 پورهيتن کي اغوا ڪري ورتو آهي،اهي پورهيت علائقي ۾ هڪ اڏاوت هيٺ عمارت تي ڪم ڪري رهيا هئا، اغوا ٿيل پورهيتن جو واسطو پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن سان ٻڌايو پيو وڃي، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏوهارين جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته پورهيتن جي آزادي لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن، پر اڃا تائين ڪنهن گروهه واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.