اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاسپورٽ ۾ تبديلين جو فيصلو ڪري ورتو.
ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ گهرو وزارت کان اجازت حاصل ڪري ورتي، پاسپورٽ ۾ هاڻ پيءُ سان گڏ ماءُ جو نالو به داخل هوندو، جڏهن ته ان ۾ صوبن جي تاريخي ۽ اهم عمارتن جون تصويرون به شامل هونديون.
ان کانسواءِ پاسپورٽ ۾ نئين سيڪيورٽي فيچر جي به واڌ ڪئي ويندي، جديد پاسپورٽ جي پرنٽنگ تي جلد ڪم شروع ٿيندو.
You might also like