کل نائيڪ ٽو ٺاهڻ جون تياريون، ” بلو بلرام “ جو ڪردار ڪير ادا ڪندو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر ”کل نائڪ“ کي رليز ٿئي 32 ورهيه وهامي چڪا آهن، سئنما سان محبت ڪندڙن جي ذهنن ۾ اڄ به فلم جون يادون تازيون آهن، جڏهن ته ان کي” ڪلٽ مووي“ به قرار ڏنو وڃي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، گيتن کان وٺي مڪالمن، منظر نگاري، اداڪاري ۽ ايڪشن تائين، هن فلم جي هر شيءِ سپر هٽ رهي.
فلم ”بَلو بلرامَ“ جو ڪردار سنجي دت جي يادگار ترين ڪردارن منجهان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ ان ڪردار سان ٺهڪندڙ کوڙ سارا اداڪار ان وقت انڊسٽري ۾ موجود هئا، پر ان باوجود سنجي دت کي ئي هن ۾ ڇو ڪاسٽ ڪيو ويو؟
اِهو سوال ڪيئي ماڻهن جي ذهن ۾ پيدا ٿيو، ۽ جڏهن اهو سوال هڪ صحافي جي ذريعي هدايتڪار سُڀاش گهئي تائين پهتو ته هن ان جي وضاحت به ڪئي.
ڪجهه عرصو اڳ سڀاش گهئي کان فلم ۾ ”بلوءَ“جي ڪردار جي چونڊ بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته اِهو ڪردار ٺهيل ئي هن ( سنجي دت ) لاءِ هو، ڪيترائي اداڪار اهو ڪردار نڀائڻ چاهين پيا پر مان کين ٽاريندو رهيس.
سڀاش گهئي چيو ته ٻيا ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي، سنجي دت پاڻ به اِهو سوال پڇندو رهيو ته کيس ئي ان ڪردار لاءِ ڇو چونڊيو ويو.
هدايتڪار چيو ته ” مان سنجي کي ٻڌايو توکي مُک ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو سڀ کان اهم ڪارڻ تنهنجون اکيون هيون.“
هن چيوته ” سنجي جي اکين ۾ اٻوجهائپ، شرارت، معصوميت هئي، فلم کيس هڪ باغي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو، جيڪو هڪ عاشق به هو، پُٽ به ۽ ولن به.“
واضح رهي ته پرڏيهي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته فلم جو سيڪوئل آڻڻ تي ڪم جاري آهي ۽ ان لاءِ منصوبابندي پڻ مڪمل رفتار سان اڳتي وڌي رهي آهي.
رپورٽن موجب، هڪ وڏي پروڊڪشن هائوس جا رائٽس حاصل ڪيا ويا آهن ۽ ان ۾ به سنجي دت نظر ايندو.
رپورٽ موجب، کل نائڪ جي سيڪوئل ۾ سنجي دت کي عمر قيد ڀوڳڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيندي ڏيکاريو ويندو، جڏهن ته ان جي ڪهاڻي ٻن نون ڪردارن سان گڏ اڳتي وڌندي.
فلم هندي سان گڏ ٻين ٻولين ۾ به رليز ٿيندي ۽ ان ۾ بلو بلرام جهڙن ٻين ماڻهن جون ڪهاڻيون شامل هونديون جيڪي حالتن جي جبر جو شڪار بڻجن ٿا.
ياد رهي ته 1993ع ۾ رليز ٿيندڙ بلاڪ بسٽر فلم کل نائيڪ ۾ مرڪزي ڪردار سنجي دت ادا ڪيو هو، فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ماڌوري ڊڪشت، جيڪي شيروف ۽ انوپم کير شامل هئا.
کل نائيڪ فلم جو گيت ” چولي ڪي پيڇي ڪيا هي“ اڄ تائين موسيقيءَ جي دنيا ۾ سُپر هٽ آهي، اِهو گيت کي ٻيهر تازو رليز ٿيل” ڪريو “ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.