نزلي، زڪام کان بچڻ چاهيو ٿا ته ٿوم ۽ ساوا بصر استعمال ڪيو

ٿڌي موسم ۾ ماڻهن جي اڪثريت نزلي، زڪام ۽ کنگهه جي شڪايت ڪندي نظر ايندي آهي پر هر گهر ۾ موجود سبزي انهن مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏئي سگهي ٿي.
ٿوم ۽ ساوا بصر هر گهر جي باورچي خاني ۾ موجود هوندا آهن ۽ اهي سبزيون سياري ۾ توهان کي نزلي، زڪام، کنگهه سميت ٻين ڪيترن ئي مرضن کان محفوظ رکي سگهن ٿيون.
ٿوم ۽ ساون بصرن ۾ اهڙا مادا موجود هوندا آهن، جيڪي هڪ ته زخمن کي خراب ٿيڻ کان بچائيندا آهن، ٻيو ته اسان جي جسم ۾ بيمارين سان وڙهندڙ حفاظتي نظام (اميون سسٽم) کي به مضبوط بڻائيندا آهن.
ٿوم جو هڪ فائدو اهو به آهي ته اها بند نَڪ کولڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.