اسرائيل طرفان غزا امن معاهدي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان جو اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غزا تي تازن اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بي ڏوهه فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب اهي قدم مسلم ۽ عرب دنيا، آمريڪا، يورپ ۽ گڏيل قومن جي قيادت جي موجودگي ۾ طئي ٿيندڙ امن معاهدي جي روح جي ابتڙ آهن.
ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ٿو ڪري ته فوري طور اثرائتا قدم کڻي ته جيئن انهن ڀڃڪڙين کي روڪي سگهجي، جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد ۽ فلسطينين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.