مير علي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن ڀتو نه ڏيڻ تي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ موجود 6 ڄڻا سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا.
فتنه الخوارج دهشت پکيڙڻ لاءِ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي هڪ گاڏي تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي جي اندر موجود 6 معصوم شهري سڙي فوت ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ خارجين جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
You might also like