نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو بحال ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو قدم افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جي تازي دوري کانپوءِ کنيو ويو، جنهن ۾ طئي ٿيو هو ته ڀارت پنهنجي ٽيڪنيڪي مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏيندو.
رپورٽ موجب ڀارت ڪابل ۾ پنهنجي مشن جي سربراهه کي چارج ڊي افيئرز مقرر ڪدنو ۽ پوءِ سفير مقرر ڪندو، جڏهن ته طالبان حڪومت نومبر تائين پنهنجا ٻه سفارتڪار نئين دهلي موڪليندي، جيڪي افغان سفارتخاني مان ڪم ڪندا.
واضح رهي ته ڀارت اڃا تائين طالبان حڪومت کي باضابطا طور تسليم ناهي ڪيو.
ڀارت آگسٽ 2021 ۾ طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو هو پر جون 2022 ۾ سيڪيورٽي خاطرين کانپوءِ ڪابل ۾ پنهنجو ٽيڪنيڪي مشن فعال ڪيو هو.
You might also like