ٽِيل اينڊرز جو ڪمال، پروٽيز جي شاندار واپسي، ربادا ۽ مٿوسوامي شوقين کي 3 ڏهاڪا اڳ واري ميچ ياد ڏياري ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا ٽيل اينڊرز جي زبردست بيٽنگ سبب پاڪستان خلاف نه رڳو پهرين اننگز ۾ 71 رنسن جي ليڊ حاصل ڪئي، پر هڪ نئون رڪارڊ به قائم ڪري ڇڏيو.
پاڪستان جي پهرين اننگز ۾ 333 رنسن جي جواب ۾ پروٽيز جون 8 وڪيٽون 235 رنسن تي ڪِري پيون هيون، جنهن کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيل اينڊرز شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان خلاف وڌيڪ 169 رنسون ٺاهيون ۽ ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪئي.
اٺ وڪيٽون تڪڙيون ڪرڻ کانپوءِ سينورن مٿو سوامي ۽ ڪيشو مهاراج شاندار بيٽنگ ڪندي 71 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، جڏهن ته مٿو سوامي ربادا سان گڏجي به 98 قيمتي رنسن جو وڌارو ڪيو ۽ ٽيم جو اسڪور 404 رنسن تائين پهچائي ڇڏيو.
ڪگيسو ربادا 4 ڇڪن ۽ 4 چَوڪن جي مدد سان 71 رنسن جي اننگز کيڏي آصف آفريدي جو ڇهون شڪار بڻيو، جڏهن ته مٿو سوامي شاندار 89 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به پاڪستان خلاف 8 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ 165 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٽيم ڏکڻ آفريڪا ئي هئي.
سال 1997ع ۾ جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ دوران پروٽيز 8 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ باوجود به آخري ٻن وڪيٽن تي پاڪستان خلاف وڌيڪ 198 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.