روپوشي جي پوليس رپورٽ بوگس قرار، عليما خان جا چوٿون ڀيرو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر عليما خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي سندس ضمانتي مچلڪا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عليما خان سميت 11 جوابدارن خلاف 26 نومبر جي احتجاج تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي جج امجد علي شاهه ڪئي.
عليما خان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود پيش نه ٿي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا 10 جوابدار پيش ٿيا.
عدالت عليما خان جي غير حاضري تي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي سندس ضامن عمر شريف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ضامن کي 24 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي عليما خان کي 10-10 لک رپين جا ٻه نوان ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا.
عدالت پوليس طرفان عليما خان جي روپوش ٿيڻ جي رپورٽ کي بوگس قرار ڏيندي ايس پي راول محمد سعد ۽ ڊي ايس پي نعيم کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي آفيسرن کي 24 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج چيو ته عليما خان جيڪڏهن روپوش آهي ته اڊيالا جيل ٻاهران ان جي ميڊيا ٽاڪ ڪيئن نشر ٿيندي آهي.
ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.